هنگو: ٿاڻي جي مسجد ۾ آپگهاتي حملي جو ڪيس داخل

هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو جي تعلقي دوآبه ۾ ٿاڻي جي مسجد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي حملي جو ڪيس اڻڄاتل دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
آپگهاتي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿيا هئا، ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ حملي آور جي جسم جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ آر موجب ٻن اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن پهچندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ جوابي فائرنگ ڪئي وئي، پوليس اهلڪار سعيد الرحمان فائرنگ ڪندڙ دهشتگرد کان بندوق کسي ورتي، جنهن کانپوءِ فائرنگ ڪندي ئي گيٽ ڀرسان ڌماڪو ٿيو.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پوليس وقت تي ڪارروائي ڪري هڪ آپگهاتي حملي آور کي مسجد ٻاهران ماري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران نمازي مسجد مان ٻاهر نڪتا پر ان دوران ٻئي آپگهاتي حملي آور مسجد ۾ داخل ٿي پاڻ کي اڏائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.