اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر مشتاق احمد ڀارت جي شهر حيدرآباد دکن ۾ قومي ٽيم جي شاندار آڌرڀاءُ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي انڪري پاڪستان ٽيم جي اهڙي آجيان ٿي.
ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت جي شهر حيدرآباد دکن جي هوائي اڏي تي ڀارتي شهري ڪپتان بابر اعظم جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بي چين هئا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هوائي اڏي تي پهتي ته اتي موجود اختيارين ۽ شوقينن طرفان قومي ٽيم جي رانديگرن جي آجيان ڪئي وئي.
ان موقعي تي پاپارازي بابر اعظم کي ڏسندي ئي ” بابر ڀائي، بابر ڀائي “ جا نعرا هڻڻ لڳا، قومي ٽيم جي آڌرڀاءُ جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون.
ان حوالي سان پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ليگ اسپنر مشتاق احمد چيو ته ڀارتي شهر احمد آباد ۽ حيدرآباد ٻنهي هنڌن تي مسلمانن گهڻائي آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته اِهو ئي سبب پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اتي شاندار استقبال ڪيو ويو، اهڙو ئي قسم جي آجيان اسان کي احمد آباد جي هوٽل ٻاهران به ڏسڻ وٽان ملندي.