فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مديني جي رياست ٺاهڻ وارو آيو ۽ ملڪي معيشت 47هين نمبر تي هلي وئي، هاڻ سياستدان ۽ جرنيل به زور لڳائي رهيا آهن پر ملڪ ڏکيائين مان نه پيو نڪري.
فيصل آباد ۾ ناموس رسالت ڪانفرنس سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۾ ناحق رت وهي رهيو آهي، انسانيت کي اڄ امن گهرجي، مستونگ ۾ جلوس تي ڌماڪو ڪندڙ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا؟ دهشتگردي جو مقصد عالمي سطح تي پاڪستاني معيشت کي نقصان پهچائڻ آهي، آمريڪا پنهنجو هٿيار کپائڻ لاءِ جنگ مڙهي اسان کي پنهنجي منڊي ٺاهيو آهي.
هن چيو ته 2018 ۾ ملڪ جي مجموعي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي پر مديني جي رياست جو نعرو هڻندڙن ان کي ٻڙي ڪري ڇڏيو، ان ماحول ۾ بندوق کڻڻ، حملا ڪرڻ، نمازين تي حملا ڪري دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي ته هتي سيڙپڪاري نه ڪيو حالتون ٺيڪ ناهن؟
پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي فضل الرحمان چيو ته توهان ٽائيگرز ذريعي دفاعي ادارن تي حملو ڪيو، فتنو فتنو آهي، ڪڏهن چئي ٿو آمريڪا سازش ڪئي، ڪڏهن چئي ٿو نه ڪئي، هن هڪ رپئي جي سيڙپڪاري نه ڪئي پر جيڪا هئي ان کي به ٻوڙي ڇڏيو، هاڻ سياستدان ۽ جرنيل به زور لڳائي رهيا آهن پر ملڪ ڏکيائين مان نه پيو نڪري، هاڻ چين ۽ سعودي عرب چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اهو ٻيهر آيو ته اسان جو پئسو به ٻڏي ويندو.
”فتني معيشت کي اهڙو ٻوڙيو جو هاڻ جرنيل به ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ زور لڳائي رهيا آهن“
You might also like