ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي وٽ ٻئي ٻار جي پيدائش جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انوشڪا ٻئي ڀيرو ڳورهاري بڻجي وئي آهي پر انوشڪا پهرين ٻار جيان پنهنجي ڳورهاري هئڻ جو بظابطا اعلان پوءِ ڪندي.
ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته انوشڪا اڄڪلهه ويرات ڪوهلي سان گڏ ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت يا سفر کان پاسو ڪري رهي آهي جيڪا اتفاق نه پر اداڪارا ڪنهن به قسم جي افواهه کان پاڻ کي پري رکڻ لاءِ عوامي هنڌن تي نظر نه پئي اچي.
ڀارتي ميڊيا موجب، اداڪارا کي تازو ئي مڙس ويرات ڪوهلي سان گڏ هڪ ميٽرنٽي هوم ۾ به ڏٺو ويو جنهن کانپوءِ جوڙي پاپارازي تصويرون شيئر نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ جوڙي جو چوڻ آهي ته هو ان حوالي سان جلد ئي باظابطا اعلان ڪندا.
ڀارتي ميڊيا جي اهڙي قسم جي دعوائن تي اڃا تائين انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي جو ردعمل سامهون ناهي آيو.
ياد رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا جي شادي ڊسمبر ٻه هزار سترنهن ۾ اٽلي جي شهر ميلان ۾ ٿي هئي ۽ انوشڪا جنوري ٻه هزار ايڪويهه ۾ ڌيءَ واميڪا کي جنم ڏنو هو.