زم زم جي پاڻي جا معجزا، اکيون اٿڻ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ”اسان عمري لاءِ ويا هئاسين ته منهنجي ڌيءَ کي ڪن ۾ انفيڪشن ٿيو، هوءَ تڪليف ۾ هئي، منهنجي زال ڌيءُ جي ڪن ۾ زمزم جو پاڻي وجهي رهي هئي، مون کيس روڪيو ته ڊاڪٽر ڪن ۾ پاڻي وجهڻ کان روڪيو آهي،“ هن جواب ڏنو ته هي پاڻي نه پر زم زم جو پاڻي آهي ۽ مون کي پڪ آهي ته ان سان سندس تڪليف ختم ٿي ويندي ۽ ائين ئي ٿيو.

ڌيءُ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ اڄ هوءَ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي رهي آهي، جيڪي اسان ٻڌي نه سگهندا آهيون.

اهو واقعو هڪ خانگي ٽي وي اينڪر ٻڌايو، هن صلاح ڏني اکيون اٿڻ واري مسئلي جي حل لاءِ ڦڙن ۾ آب زم زم جو پاڻي به ملائي ڇڏيو.

آب زم زم الله طرفان جاري ڪيل معجزاتي چشمي جو پاڻي آهي جنهن ۾ ڪيلشيم، ميگنيشيم، پوٽاشيم، سوڊيم، فلورائيڊ، نائٽريٽ سميت ٻي معدنيات موجود آهي.

دنيا جا لکين مسلمان روزانو هي پاڪ پاڻي پيئن ٿا ۽ اهو طبي مسئلن جي علاج لاءِ پڻ استعمال ڪندا آهن.

زمزم جو پاڻي وبائي مرضن ۾ به ڊاڪٽر جي صلاح سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.