ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڪرنڊ واقعي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي نگران حڪومت کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سڪرنڊ ۾رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ ڳوٺاڻا مارجڻ تي 20 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهندڙ ڌرڻو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو.
احتجاج ڪندڙن جي مطالبي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مقتولن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ مختلف جماعتن جي اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
هوڏانهن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر طرفان واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ کانپوءِ 3 رڪني ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڪرنڊ واقعي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته نگران حڪومت واقعي بابت شفاف جاچ ڪرائي.
You might also like