ڪي جي ايف ٿري جي رليز ڊيٽ جو اعلان، هيرو ڪير هوندو؟

ممبئي: (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ هندستاني اداڪار يش جي فلم ”ڪي جي ايف 2“ جي وڏي ڪاميابي کانپوءِ فلمساز ”ڪي جي ايف 3“ جي شوٽنگ ۽ رليز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ايڪشن فلم ”ڪي جي ايف“ جي مداحن جو انتظار ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته فلم جي ٽئين سيزن جي شوٽنگ ۽ رليز جي حوالي سان اهم معلومات سامهون اچي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب همبل فلمز جي هڪ ويجهي ذريعن جو چوڻ آهي ته ”ڪي جي ايف 3“ جي شوٽنگ ايندڙ سال 2024ع ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته فلم 2025ع جي وچ يا آخر ۾ رليز ٿيندي.

ان سان گڏ همبل فلمز هر سال هڪ وڏي فلم رليز ڪندي آهي جيئن هن سال 22 ڊسمبر تي سندن فلم ”سالار“ رليز ٿيندي.

ان کان اڳ ٻڌايو ويو هو ته ”ڪي جي ايف 3“ لاءِ بالي ووڊ سپر اسٽار هريتڪ روشن کي فلم ۾ يش جي بدران مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته فلم ڪي جي ايف 2 باڪس آفيس تي ڪامياب ٿي هئي ۽ فلم سٺو بزنس ڪيو هو، فلم 14 اپريل تي رليز ٿي هئي، جنهن ۾ يش، سنجي دت، روينا ٽنڊن، سرينڌي شيٽي ۽ پراڪاش راج اهم ڪردار ادا ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.