ڏند هاضمي جي پهرين مرحلي جي طور تي ڪم ڪندا آهن. ٽٽل ڏند يا انهن جي خراب صحت چٻاڙڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪندي آهي ۽ هاضمي جي ٻين عضون تي ٻار وجهندي آهي. ڏند ڪِرڻ جي نتيجي ۾ مَهارُن جي افعال، صلاحيت ۽ منهن جي ظاهري شڪل متاثر ٿيندي آهي.
ٻي پاسي جيڪڏهن ڏند ۽ انهن جي چٻاڙڻ جي صلاحيت مضبوط هجي ته کائڻ جو عمل، ان جي هاضمي ۽ خوراڪ کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت بهترين ٿي ويندي آهي. مضبوط ڏندن لاءِ جيڪڏهن ٻه ڪم معمول بڻايا وڃن ته نه رڳو هاڻي پر پوڙهائپ ۾ به ڏندن جي مضبوطي کي قائم رکي سگھجي ٿو.