ڪراچي(پ ر) سنڌ رينجرز پنهنجي پريس رليز ۾ چيو آهي ته آپريشن ڳجهي اداري جي اطلاع تي ڪيو ويو، رينجرز ۽ پوليس پاران شرپسند ۽ ڏوهاري ماڻهن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، ترجمان چيو ته هاءِ ويليو جوابدارن وٽ ايڪسپلوسو ۽ هٿيارن جي موجودگي جو اطلاع هو، رينجرز ۽ پوليس کي ڏسندي ئي شرپسند عنصرن حملو ڪيو،حملي جي نتيجي ۾ رينجرز جا چار جوان زخمي ٿي پيا، ترجمان چيو ته پوليس ۽ رينجرز جي جوابي ڪارروائي ۾ ٽي حملي آور مارجي ويا،