ماڙي جلباڻي ۾ ٽنڊي بهاول جهڙو سانحو ٿيو آهي: رياض چانڊيو

حيدرآباد(رپورٽر) چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ شهرين کي گولين جو بَک بڻائڻ واري  عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ” بي گناهه ۽ پرامن ڳوٺاڻا جيڪي پنهنجي گهرن ۾ موجود هئا انهن کي گولين جو بَک بڻايو ويو آهي. هيءَ بدترين لاقانونيت ۽ پوليس گرديءَ جي سنڌ ۾ ڀَيانڪ شڪل آهي. بغير ماجسٽريٽ جي بغير وارنٽ جي توهان وَڃي ڳوٺَن تي چڙهايون ڪيون ۽ ان ۾ ماڻهن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇَڏيو. سرڪاري ادارا جن کي سنڌ ۾ بهتر امن امان بحال ڪرائڻ ۽ افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ، ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، اسمگلنگ، لئنڊ مافيا، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙيل گردي، ڪرپشَن ۽ لاقانونيت جي باهه ختم ڪرائڻ کپي ها پر سرڪاري ادارا ماڻهن کي خوفزده ڪَن ٿا. ڪنهن تي ڪو ڏوهہ يا ڪنهن غير قانوني عمل جي شڪايت آهي ته ان جو طريقو آهي هن چيو ته  اسان مطالبو ڪيون ٿا ته سيشَن جج نوابشاهه هن واقعي جي ڪرمنل جوڊيشَل انڪوائري ڪَرائي. هي ٽنڊو بَهاول جهڙو سانحو آهي، هي ٽوڙهي ڦاٽڪ جهڙو سانحو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته جيڪي ماڻهون شَهيد ٿيا آهن انهن سان انصاف ڪري ڏوهارين کي قانونَ جي ڪَٽهڙي ۾ آندو وَڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.