سڪرنڊ/نوابشاهه(رپورٽ:لطيف جمالي+ اسلم لاکو)سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي. گهر گهر تلاشي دوران ڳوٺاڻن جي مزاحمت. مزاحمت دوران فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل . 4 ڄڻا زخمي. قتل ٿي ويلن ۽ زخمين کي ڦٽا رڪشا ۽ همدرد ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. 27 ساله اڪن ولد الهداد جلباڻي، 25 ساله نظام الدين ولد الهداد جلباڻي ، 35 ساله سجاول ولد علي حسن جلباڻي ، 25 ساله ميهار ولد شهمير جلباڻي موقعي تي قتل ٿي ويا. جڏهن ته زخمين ۾ امام الدين ، الهداد ، سارنگ ، علي نواز شامل آهن. فوتين ۾ ٻه سڳا ڀائر ۽ سندن پيءَ زخمي آهي. فوتي پاڻ سئوٽ ماسات ٻڌايا وڃن ٿا. قتل ٿي ويل نوجوان پورهيت ٻڌايا وڃن ٿا. جيڪي هارپي جو ڪم ڪندا هئا،عيني شاهد عبدالحميد جلباڻي ٻڌايو ته وٽنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ پڙهندڙ شاگرد لياقت ولد شهمير جلباڻي کي صبح جي وقت يونيورسٽي مان کنڀيو ويو هو ان بعد پوليس ۽ حساس ادارن جون 20 کان وڌيڪ گاڏيون سميت سوين اهلڪار گهرن ۾ داخل ٿيا. گرفتار ٿيل شاگرد کي پڻ هٿڪڙيون هڻي ڪارروائي دوران کڻي آيا هئا. ان تان اسان اعتراض ڪيو ۽ کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ۾ اسان جا چار نوجوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته چار ڄڻا سخت زخمي آهن ۽ جڏهن ته معصوم ٻار ۽ عورتون پڻ زخمين ۾ شامل آهن. ڪارروائي بعد اهلڪار زخمين ۽ لاشن کي ڇڏي هليا ويا، جڏهن ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي واري واقعي ۾ قتل ٿي ويلن 4 ڄڻن جا لاش سڪرنڊ قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي. ڌرڻي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ حساس ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳوٺ جي نيڪ مرد مٺل جلباڻي ، گل جلباڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن کي بي گناهه شهيد ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن هميشه پراڻي دور ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس ۽ ٻين ادارن سان گڏجي ڪارروائين ۾ حصو ورتو هو پر اڄ اسان جي هٿين خالي بي گناهه هارين کي سڌيون گوليون هڻي ابدي ننڍ سمهاريو ويو آهي. هنن چيو ته قتل ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي تيستائين اسان جو نيشنل هائي وي تي ڌرڻو جاري رهندو.ڌرڻي ۾ سوين شهرين ۽ قومپرست اڳواڻن جو اچڻ جو سلسلو جاري آهي،ايس يو پي جي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه ماڙي جلباڻي واري واقعي ۾ چار نوجوانن کي بي دردي سان قتل ڪرڻ واقعي خلاف سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث پوليس ۽ رينجرس جي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ايس ايس پي ضلعي بينظيرآباد ۽ تعلقي سڪرنڊ جي پوليس کي فوري طور تي معطل ڪيو وڃي انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته هميشه سنڌ جي قومپرستن کي دهشتگرد قرار ڏئي انهن خلاف ڪارروائي ڪيون وينديون آهن ڇا اسين دهشتگرد آهيون. پوري ڪراچي دهشتگردن سان ڀري پئي آهي. ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام آهي. سنڌ اندر امن و امان جو مسئلو تمام خراب آهي. انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي ۽ اسان جي ووٽرن کي پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل پوليس اهلڪارن غلط انفارميشن ڏئي مارايو آهي. آپريشن ذريعي خوف پيدا ڪيو پيو وڃي. زين شاهه چيو ته هي بي گناهه ڳوٺاڻا هئا جن کي بي دردي سان شهيد ڪيو ويو آهي. نگران گهرو وزير کي شرم اچڻ گهرجي جيڪو چئي ٿو ته هو بمبار هئا. هنن ٽنڊو بهاول واري واقعي کي ورجايو آهي، ٻئي پاسي نگران گهرو وزير برگيڊيئر(ر) حارث نواز چيو ته آپگهاتي بمبار جي موجودگي جي اطلاع تي رينجرز ۽ پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، جوابدارن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن تي رينجرز جا چار جوان زخمي ٿي پيا، جوابي ڪارروائي ۾ فائرنگ ۾ چار جوابدار مارجي ويا آهن