حيدرآباد (رپورٽر)سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي، جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي ، عورت جوائنٽ سيڪريٽري فائزه ايوب ، خزانچي خطائي ٿيٻي ، آڊيٽر حسين سارنگ ، پريس ترجمان رمضان ميمڻ ، سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي جي مذمت ڪندي ، واقعي ۾ ملوث پوليس ۽ رينجرس اھلڪارن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي گھر آھي ھنن چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ جي به گھر ڪئي آھي
رجب جلباڻي جي گهر تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: منير حيدر شاهه
سڪرنڊ :ايس يو پي اڳواڻ منير حيدر شاهه چيو ته قومي ڪارڪن ۽ دوست رجب جلباڻي جي گهر تي چڙهائي، ڳوٺاڻن طرفان مزاحمت، گوليون لڳڻ سبب 6 شهيد ٿي وياس اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿو ڪريان. ايس يو پي ڪارڪن سراپا احتجاج بڻيل آهن.
حساس اداري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي: ايس ايس پي شهيد بينظير آباد
سڪرنڊ: ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد حيدر رضا چيو آهي ته ماڙي جلباڻي واقعو حساس ادارن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي. جنهن ۾ جوابي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪارروائي دوران ٻه رينجرز اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آهن.