سڪرنڊ ۾ 4 ماڻهن جو قتل عدالتن کان مٿانهون قدم آهي:لعل شاهه

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، رشيد سڌايو، مير خادم ٽالپر ۽  شير چانڊيو پنهنجي مذمتي بيان ۾ چيو آھي تھ سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس جي فائرنگ ۾ اٺ ماڻهو شهيد ٿيندڙ جلباڻي برادري جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته هي اٺ شهيد عدالتن کان مٿانهن قدم آهي، ڌاڙيلن خلاف ته هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ان معاملي جي صاف شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ملوث ماڻهن تي ايف آءِ آر ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.