9 مئي جوابدارن کي ڇوٽ،هٿين خالي سنڌين مٿان گوليون هلايون ويون: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سڪرنڊ واقعو ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي ٽاپ ٽريند بڻيل رهيو،صحافي شوڪت زرداري چيو ته جن جي ايڇ ڪيو  تي حملو ڪيو، انهن تي گوليون نه هلايون ويون، پر رياست طرفان هٿين خالي سنڌين کي ماريو ويو، عورتون ۽ ٻار زخمي ٿيا.اهڙي رياستي دهشتگردي تي رياست کي خود شرم اچڻ گهرجي،صحافي امداد سومري چيو ته سنڌ جي ڪچي ۾ راڪيٽ لانچر جي شيل سان کيڏندي ڌماڪي ۾ 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا… سنڌ جو ڪچا جتي پينڊول گوري ته نه ٿو ملي پر راڪيٽ لانچر، اينٽي ايئرڪرافٽ گن ۽ جديد هٿيار موجود آهن، ذميوار ڪير؟ جيڪي افغانستان جي سرحد کان بين الصوبائي سرحدن تائين سمگلنگ روڪڻ لاءِ پرعزم آهن، سنڌ پوليس جن جي نڪ هيٺان هٿيار خام اچي وڃن ٿا،ڇا حڪمرانن ۽ رياست جي آفيسرن جي اها ايجنڊا آهي ته سنڌ جي عوام کي ڪنهن به حالت ۾ سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو وڃي؟پرويز ٻانڀڻ چيو ته اڄ سنڌ جي سڪرنڊ شھر جي لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ حادثو يا سانحو نه پر رياستي دھشتگردي ٿي آهي،ارم ابڙو چيو ته رياست ثابت ڪري رهي آهي ته رياست ماءُ جي برابر ناهي هوندي،نثار کوکر چيو ته سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ڳوٺ تي رينجرز ۽ پوليس جي چڙهائي. شهيد ٿيل چئن ڳوٺاڻن جا لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو. سپاهي اوچتو گهرن ۾ گهڙي پيا منع ڪرڻ تي سڌيون گوليون هلايون ويون. اکين ڏٺا شاهد ڳوٺاڻا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سڪرنڊ واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ گهرجي،ياسين رند چيو ته ان طرح لاش کڻڻ سنڌ جو مقدر بڻجي چڪو آهي، احمد نالي ٽوئيٽر صارف لکيو ته ھڪ دفعو وري ٽنڊو بھاول واقعي کي ورجايو ويو. رياستي فورس سنڌ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر ٽنڊي بھاول جيان ڌرتي ڌڻين تي ڏينھن ڏٺي جو بيگناه گولين جو وسڪارو سڪرنڊ لڳ ماڙي جلباڻي ڳوٺ ۾ داخل ٿي عورتن سميت اٺ ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا.خالد حسين لکيو جيڪڏھن ڪوئي ڏوهاري به هجي ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، پر هتي ته هارين ۽ مزدورن کي بنا ڪنهن ڏوھ جي ماريو وڃي ٿو،منير حيدر شاهه چيو ته سڪرنڊ جي جنهن ڳوٺ ۾ رينجرز/ پوليس اسان جا ڪارڪن شهيد ڪيا. ان ڳوٺ وارن جو ڏوھ رڳو اهيو آھي ته ھو زمينن جي خدائن کي سجدو نٿا ڪن . جنهن ڪري بوٽ وارن ۽ بوٽ پالش ڪرڻ وارن اهيو آپريشن ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.