ماڙي جلباڻي سانحي ايم آر ڊي جي واقعي کي تازو ڪري ڇڏيو:صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سڪرنڊ ماڙي جلباڻي واقعو جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته نگران سرڪار  ڪاري دور جي قانون اي آر ڊي جي واقعي کي تازو ڪري ڇڏيو آهي، بيان ۾ هن چيو  ته ماڙي جلباڻي واقعي جي مذمت ڪجي ٿي، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري، ڪيس دهشتگرد ڪورٽ ۾ هلايو وڃي، هن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ڪير به محفوظ ناهي، نگران سرڪار رڳو آفيسرن جون بدليون ڪرڻ ۾  پوري آهي،جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام چيو آهي ته ماڙي جلباڻي واقعو جي خلاف ڌرڻي ۾ جسقم اڳواڻ  آصف رضا مگسي، شعبان ماٽي، سعود شاھ سوين جسقم ڪارڪن سان گڏ شريڪ آهن، ڳوٺاڻن جي رت سان انصاف ڪيو تائين جدوجهد ڪنداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.