حيدرآباد (پ ر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ماڙي جلباڻي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي، پنهنجي بيان ۾ سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ پرامن ڳوٺاڻن مٿان سڌيون گوليون هلائڻ کليل دهشتگردي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن قانون کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ ٻين ڏوهارين خلاف اثرائيتيون ڪارروايون ڪرڻ بدران پرامن ڳوٺاڻن کي شهيد ڪري رهيا آهن، جنهن سان عام ماڻهو ۾ عدم تحفظ جو احساس اڃا به وڌندو، هن چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ملوث اهلڪارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.