ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور راڳي علي ظفر ڪرڪيٽ عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي تراني جو نالو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ عالمي ڪپ جو آفيشل ترانو جاري ڪيو ويو هو جنهن کي مداحن ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ راڳي علي ظفر کان عالمي ڪپ جي تراني جي فرمائش ڪئي هئي جنهن کانپوءِ علي ظفر شوقينن جي فرمائش تي نئون ترانو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو.
OK guys! A good news regarding the World Cup anthem ! Flight mein aik “aamad” huee hai.
Kaam start ho gaya hai. Anthem ka title aik dum se aaya….“MAZA AAYA!”
Work started with my dear friend, co arranger/producer @djalimustafa who also worked with me on “Ab Khel Jame Ga”.… https://t.co/38Q8eMDZmU pic.twitter.com/AOTfnSEVlW
— Ali Zafar (@AliZafarsays) September 26, 2023
علي ظفر گذريل ڏينهن گيت جي عنوان جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته عالمي ڪپ لاءِ تراني جو نالو ” مزا آيا“ رکيو ويو آهي.
پنهنجي پوسٽ ۾ علي ظفر پنهنجي دوست ۽ پروڊيوسر علي مصطفيٰ سان ٿيل ڳالهه ٻول جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ۽ کيس ٽيگ ڪندي ٻڌايو ته ساڻس گڏ تراني تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
راڳي چيو ته هاڻي مون کي سٺي گرافڪس ۽ منظرن جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ ڪرڪيٽ شوقين پنهنجو حصو شامل ڪندي مختلف گرافڪس ۽ منظر مون ڏانهن اُماڻي سگهن ٿا.
هن چيو ته ان لاءِ مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) جي مدد وٺي سگهجي ٿي، شرط صرف اِهو آهي ته سمورا منظر ۽ گرافڪس جديد ۽ منفرد هجن.