خبردار! اينٽي بائيوٽڪس جي استعمال سان موت ٿي سگهي ٿو

اسان جي معاشري ۾ بدقسمتي سان اڪثر ماڻهو ڊاڪٽر جي صلاح بنا اينٽي بائيوٽڪس دوائن جو استعمال ڪندا آهن، جنهن جو نتيجو خطرناڪ به ٿي سگهي ٿو.
مثال طور جيڪڏهن ڪنهن کي پيٽ ۾ سور، مٿي ۾ سور يا جسم جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ سور آهي ته اهو پاڻ ئي دوا وٺي استعمال ڪندو آهي، انهن دوائن ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو انگ گهڻو آهي.
انهن کي استعمال ڪندڙ مريض کي اهو گمان به ناهي هوندو ته ان جا ڪهڙا نقصان آهن، ان حوالي سان هڪ پروگرام ۾ ڊاڪٽر سيد تحسين اختر آگاهه ڪيو آهي.
سندس موجب اينٽي بائيوٽڪ دوائون مختلف طريقن سان نقصان پهچائينديون آهن، اهي مريض کي خاص قسم جي ڊائريا ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان موت به ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر سيد تحسين اختر چيو اسان اڪثر ٻڌندا آهيون ته غلط انجيڪشن لڳڻ سبب مريض فوت ٿي ويو، ائين ناهي هوندو، انجيڪش صحيح هوندي آهي پر موت اينا فائليڪسس سبب ٿيندو آهي.
هن چيو ته توهان جيتريون وڌيڪ اينٽي بائيوٽڪس استعمال ڪندئو، ايترو وڌيڪ بيڪٽيرياز ۾ ”اينٽي مائڪروبيئل ريزسٽنس“ پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن، مطلب وقت سان گڏ اهي پاڻ ۾ اهڙيون تبديليون پيدا ڪري ڇڏيندا آهن جو انهن تي دوائن جو اثر ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي جسم ۾ موجود بيڪٽيرياز تبديل ٿيندا رهندا آهن، جيڪڏهن اسان ڪنهن اهڙي بيماري ۾ اينٽي بائيوٽڪ کائيندا آهيون، جنهن ۾ ان جي ضرورت ئي ناهي ته بيڪٽريا پاڻ ۾ تبديليون پيدا ڪندا آهن، پوءِ جڏهن ڪنهن بيماري ۾ اينٽي بائيوٽڪ جي ضرورت هجي ته اها اثر به ناهي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.