يونس ڍاڳا روينيو کاتي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پرعزم

ڪراچي(رپورٽر) ريونيو واري صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا بورڊ آف ريونيو سنڌ جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هڪ مهيني  اندر اي-سروسز شروع ڪن  ته جيئن لينڊ رڪارڊ ۽ روينيو سسٽم مان ڪرپشن ۽ نااهلي ختم ڪري سگھجي ۽ شهرين کي بهتر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن اها ڳالهه ريونيو هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. جنهن ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ زاهد علي عباسي ميمبر (RS&EP) ڊاڪٽر وسيم شمشاد علي، ميمبر (R&S) سيد احمد علي شاهه، چيف انسپيڪٽر آف اسٽيمپس غلام عباس نائچ، سيڪريٽري-لارمس (LARMIS) سيف الله ابڙو، سيڪريٽري بورڊ. روينيو M.B. ڌاريجو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. مختيارڪار ۽ سب رجسٽرار آفيسن جي ناقص ڪارڪردگي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي نگران صوبائي وزير چيو ته آفيسن ۾ ايندڙ شهرين کي ڊگهي تڪليفن مان گذرڻو پوندو آهي ۽ انهن کي دستاويز ۽ ميوٽيشن جي داخلا، سيل سرٽيفڪيٽ يا ٻيون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ ايذاءُ ڏنو وڃي ٿو. هن سسٽم ۾ موجود خامين کي دور ڪرڻ لاءِ سروسز کي جديد بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ هڪ مهيني اندر اي-سروسز موبائل ايپ ۽ ويب ايپليڪيشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ تفصيلي بحث کانپوءِ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا. وي ايف جي ڊجيٽل رڪارڊ جي تصديق جو ڪم، گذريل 10 سالن کان التوا ۾ آهي. VII-A، V.F. VII-B، V.F. II، V.F.-I ۽ Gathvadh Form  2012 جي تصديق لاڳاپيل ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن طرفان هڪ ئي وقت هارڊ ڪاپين تي ۽ آن لائن عمل ذريعي ڪئي ويندي. بورڊ آف ريونيو اهو معلوم ڪرڻ لاءِ  آڊيٽر کي آگاهه ڪندو ته صحيح تصديق ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنرز ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته رڪارڊ جي تصديق سندن لاڳاپيل ضلعي ڪمشنرن وٽ مقرر وقت يعني 30 ڏينهن اندر ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.