نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اوڌر جي رقم تي وياج نه ڏيڻ تي بااثرن دُلت عورت کي ڪپڙن کان آجو ڪري ان تي پيشا ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو بهار ۾ پيش آيو جتي هڪ شخص ڳوٺ جي بااثر شخص کان 1500 رپيا قرض ورتو هو جنهن تي وياج ادا نه ڪرڻ تي سندس زال سان انسانيت کي لڄائيندڙ سلوڪ ڪيو ويو.
ميڊيا موجب بااثر شخص ۽ سندس پٽ قرض تي وياج ادا نه ڪرڻ تي عورت کي ڪپڙن کان آجو ڪيو ۽ پوءِ سندس منهن تي پيشاب ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته عورت جي مڙس پرمود نالي شخص کان 1500 رپيا ورتا هئا جيڪي هو ادا ڪري چڪو هو پر قرض ڏيندڙ شخص انهن پيسن تي وياج جو مطالبو ڪيو هو جيڪو هن ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
پوليس موجب عورت پوليس کي ڪيل شڪايت ۾ تشدد جو به الزام لڳايو آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته عورت جي گھر وارن ٻڌايو ته ڳوٺ جي بااثرن هن کي ڇنڇر جي رات جو گھر گھرايو جتي اهو واقعو پيش آيو، عورت اتان جان بچائي ڪپڙن کانسواءِ ئي اڌ رات جو روڊ تي اچي بيهي رهي.
You might also like