اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، پنجاب، پوٽوهار ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
ان دوران اتر اوڀر اپر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ٻين هنڌن تي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهيو.
سڀ کان وڌيڪ برسات فيصل آباد، قصو، سرگوڌا، اوڪاڙه ۽ ٻين هنڌن تي پئي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات سبب لاهور، گوجرانوالا ۽ راولپنڊي جي علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي.
ان دوران مري، گليات، ڪشمير، گلگت بلتستان، چترال، دير، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بونير، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.