ڪراچي (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي آءِ پي پي جي سيڪريٽري اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ نواز شريف کي پچ رپورٽ ڏيڻ ويو آهي، پنهنجي بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف هوم گرائونڊ تي به ڪنڊيشنز ڏسي کيڏڻ چاهي ٿو، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز ليگ شايد ڪنهن ”سپر ليگ“ مقابلن جي انتظار ۾ آهي، آءِ پي پي جي سياست ۾ اچڻ سان مقابلا سنسني خيز ٿيندا، هن چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي ٻين پارٽين وانگر پوليٽيڪل ڊيفالٽر ناهي، نواز شريف جي واپس اچڻ يا نه اچڻ سان آءِ پي پي جي سياست ۾ ڪو به فرق نه پوندو.