ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر پنهنجي فٽنيس جو راز پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ خانگي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا صبا قمر پنهنجي فٽنيس بابت ڳالهائيندي چيو ته منهنجي منهن جي کل تمام خشڪ آهي، تنهن ڪري مان پاڻي گهڻو پيئندي آهيان جڏهن ته گليسرين، ماکي ۽ ليمن جو رس ٺاهي مساج ڪندي آهيان.
هو ڊاڪٽر جي صلاح تي موسچرائزر ڪريم به لڳائيندي آهي.
صبا قمر رات جو سمهڻ کان اڳ گليسرين ۾ ڪيستر آئل جا ڦڙا ملائي مالش ڪندي آهي.
گهاٽن وارن لاءِ هو ناريل، بادام ۽ سرينهن جي تيل کي ملائي هڻندي آهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا. (سلمان خان ڇڇورو آهي)