مشهور سنڌي ٽڪ ٽاڪر کي بهاني سان گهرائي ڏاڍائي

دادو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي شهر دادو ۾ ٽڪ ٽاڪر نوجوان زبير شاهه سان ٽن جوابدارن مبينا بدفعلي ڪئي آهي.

زبير شاهه نالي ٽڪ ٽاڪر جو تعلق سنڌ جي شهر بدين سان آهي، جنهن کي اياز کوسو، فياض لغاري ۽ اياز لغاري نالي جوابدارن دادو ۾ پارٽي جي نالي تي گهرايو ۽ منشيات واپرائي بدفعلي ڪئي.

زبير شاهه پاران پوليس وٽ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار واقعي جي وڊيو ٺاهي کيس ايندڙ ٻن مهينن تائين بليڪ ميل ڪندو رهيو. جڏهن هن بليڪ ميل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته انهن وڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي.

ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪر جي رپورٽ تي ڪيس داخل ڪري اسپيشل ٽيم جوڙي وئي آهي، جنهن ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.