هن مهيني ڏينهن ۽ رات جو وقت هڪ جيترو ڪڏهن ٿيندو؟

هر سال 21 کان 24 سيپٽمبر جي وچ ۾ اتر اڌ قطب ۾ خزان جي موسم جڏهن ته ڏکڻ اڌ قطب ۾ بهار جي موسم شروع ٿيندي آهي.
هونئن ته هاڻوڪن سالن ۾ خزان جي موسم جو مدو گھٽجي ويو آهي پر پوءِ به هر سال 21 کان 24 سيپٽمبر تي وچ ۾ September equinox جي شروعات ٿيندي آهي.
اهو اُهو موقعو هوندو آهي جڏهن سج ڏکڻ قطب طرف ويندي خط استوا جي مٿان گذرندو آهي.
September equinox جي موقعي تي سج بلڪل اوڀر کان اڀرندو ۽ بلڪل اولهه ۾ لهندو.
September equinox کان اڳ سج اتر اوڀر کان اڀرندو آهي جڏهن September equinox کان پوءِ ڏکڻ اوڀر کان اڀرندو آهي.
واضح رهي ته اسان جي زمين سج جي چوڌاري گھمندي مدار ۾ هڪ پاسي جهڪندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سال ۾ ڪجهه موقعن تي سج جي روشني ۽ گرمائش وڌيڪ يا گھٽ مقدار ۾ سڌ ريت اسان جي سياري تائين پهچندي آهي.
September equinox جي موقعي تي جيتوڻيڪ سج خط استوا جي مٿان هوندو آهي ته دنيا ۾ لڳ ڀڳ هر جاءِ تي سج جي روشني هڪ جيتري مقدار ۾ پهچندي آهي.
ان موقعي تي ڏنهن ۽ رات لڳ ڀڳ 12، 12 ڪلاڪن هوندا آهن.
ائين ئي مارچ ۾ به ٿيندو آهي جڏهن SPring equinox جي شروعات ٿيندي آهي، ان وقت سج اتر ڏينهن ويندي خط استوا جي مٿان گذرندو آهي.
جون ۾ Summer Solstice جي شروعات ٿيندي آهي جڏهن ته ڊسمبر ۾ Winter Solstice جي شروعات ٿيندي آهي.
Summer Solstice جي شروعات سال جي ڊگھي ترين ڏينهن سان ٿيندي آهي جنهن کان پوءِ ڏينهن جو وقت گھٽجڻ لڳندو آهي جڏهن ته winter solstice جي شروعات سال جي ننڍي ترين ڏينهن کان ٿيندي آهي جنهن کان پوءِ ڏينهن جو وقت گھٽجڻ لڳندو آهي.
ڏينهن ۽ رات جو وقت مارچ ۽ سيپٽمبر ۾ هڪ جيترو ٿي ويندو آهي (پر ڪجه خطن ۾ ائين ناهي ٿيندو).
لفظ equinoxجو مطلب ئي مساوي رات آهي.
قديم زماني ۾ موسمن جو اندازو انهن ئي سان لڳايو ويندو هو.
هن سال September Equinoxجي شروعات 23 سيپٽمبر (پاڪستاني وقت موجب 23 سيپٽمبر تي ڏينهن جو 11 لڳي 49 منٽن) تي ٿيندي.
ان کان پوءِ اتر اڌ قطب ۾ ڏينهن جو وقت گھٽجڻ جڏهن ته رات جو وقت وڌڻ لڳندو جڏهن ته ڏکڻ اڌ قطب ۾ ان جي ابتڙ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.