نگران حڪومت ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهه وڌڻ سان ملڪ ۾ اگهه وڌيا.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي جليل عباس جيلاني چيو ته معاشي مضبوطي سياسي استحڪام سان مشروط آهي، اسان جو بنيادي هدف پاڪستان ۾ شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرائڻ آهي.
هن چيو ته چين پاڪستان جو هڪ بهترين ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي، چين سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ زراعت ۽ ريلوي تي ڌيان ڏنو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان ۾ دهشتگرد گروپ پاڙيسري ملڪن مان ڪارروائين ۾ ملوث آهن، افغانستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ڪرڻ کي يقيني بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.