لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرن لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيو هو جنهن جي صدارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي هئي. پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي هئي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي قيادت کي چونڊن جي تيارين جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب، پ پ سينٽرل ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ڪنونشن ذريعي چونڊ مهم جي شروعات ڪندي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.
-
اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جو اجلاس 4 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو
اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ايندڙ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سيڪشن 233، اليڪشنز ايڪٽ 2017ع، تحت ضابطه اخلاق تي مشاورت لاءِ سياسي پارٽين جو اجلاس 4 آڪٽوبر تي ٻنپهرن جو 2 وڳي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ضابطا اخلاق جي مسودي جي هڪ ڪاپي به سياسي پارٽين جي سربراهن ڏانهن موڪلي وئي آهي ته جيئن مشاورت وقت اهي ضابطه اخلاق تي بهتر انداز ۾ پنهنجي راءِ ڏئي سگهن. ضابطه اخلاق جي ڊرافٽ جو مسودو 9 صحفن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي چيو ويو آهي ته هو ڪنهن اهڙي راءِ جو اظهار يا اهڙو عمل نه ڪندا جنهن ۾ نظريه پاڪستان يا پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ سلامتي خلاف يا پاڪستان جي عدليه جي آزادي يا خودمختياري ۽ پاڪ فوج جي شهرت کي نقصان يا توهين جو ڪو رخ نڪرندو هجي.
-
افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي: مرتضيٰ سولنگي
اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور افتخار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته افتخار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته افتخار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. افتخار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي،