بلغرد (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ريسلنگ چيمپيئن شپ 2023ع سربيا ۾ شروع ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان جو ٽاپ ريسلر انعام بٽ پهرين ئي رائونڊ هارائي ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
بلغرد ۾ چيمپيئن شپ جي پهرين ڏينهن پاڪستان جو انعام بٽ 86 ڪلو گرام ڪيٽيگري لاءِ ايڪشن ۾ هو.
پهرين رائونڊ ۾ انعام بٽ اسپين جي نمائندگي ڪندڙ پهلوان فريوو ناسڪيدوا سان مهاڏو اٽڪايو.
انعام بٽ اولمپئن ريسلر خلاف پهرين رائونڊ ۾ ته هڪ پوائنٽ حاصل ڪري سرسي ماڻي پر ٻئي رائونڊ ۾ فريوو ٻه ڀيرا انعام کي سوگهو ڪري ورتو ۽ اهم پوائنٽس حاصل ڪيا.
ائين انعام بٽ کي پهرين رائونڊ ۾ ئي يارنهن-هڪ تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ايونٽ ۾ پاڪستان جا عنايت الله ۽ محمد بلال آچر جي ڏينهن ايڪشن ۾ هوندا.
ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ هر ويٽ ڪيٽيگري ۾ٽاپ پنج ريسلر پئرس اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪندا.