ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ تي تصويري ڳجهارتون واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪنديون رهنديون آهن ۽ هڪ بهترين مشق به هونديون آهن جان مان غلطيون ڳولڻ لاءِ اوهان کي دماغ تي زور ڏيڻو پوندو آهي.
ڪجهه وقت اڳ به اسان اوهان سان ڳجهارتون شيئر ڪيون هيون ۽ اڄ هن نئين ڳجهارت سان اوهان کي ذهني مشق ڪرائي رهيا آهن.
ڇا اوهان مٿي ڏنل تصوير کي ڏسي اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته ٻنهي نوجوانن مان ڪهڙو نوجوان اڪيلو رهندو آهي؟
ٿورو غور ڪريو، ان جو جواب ان تصوير ۾ ئي لڪيل آهي.
جيڪڏهن اوهان جواب نه ڏئي سگهيا اهيو ته ڄاڻي وٺو ته جيڪو شيو ڪري رهيو آهي ان جي سامهون شيشي ۾ هڪ ٽوٿ برش پيل آهي.
جڏهن ته ٻئي پاسي جيڪو ڇوڪرو برش ڪري رهيو آهي ان جي سامهون هڪ ٻيو برش به پيو آهي يعنيٰ اهو اڪيلو نٿو رهي، برش ڪو ٻيو به استعمال ڪندو هوندو.
You might also like