ربيع الاول جي چنڊ ۽ عيد ميلادالنبي صه بابت اعلان ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ربيع الاول مهيني جو چنڊ نظر نه آيو، 12 ربيع الاول (عيد ميلادالنبي صه) 29 سيپٽمبر جمعي تي ملهائي ويندي.
ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ مذهبي معاملن واري وزارت اسلام آباد ۾ ٿيو، جڏهن ته لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا.
اجلاس ۾ موسميات کاتي، سپارڪو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.
مرڪزي ڪميٽي ۽ زونل ڪميٽين طرفان جمع ڪرايل رپورٽن کانپوءِ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چنڊ نظر نه اچڻ جو حتمي اعلان ڪيو.
هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شاهدي وصول نه ٿي، پهرين ربيع الاول 18 سيپٽمبر سومر تي هوندي، جڏهن ته 12 ربيع الاول (عيد ميلاد النبي صه) 29 سيپٽمبر جمعي تي ملهائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.