حنا شاهه ۽ فياض شاهه ٻئي صوبن ۾ آهن؟ پوليس ڪهڙي اجازت چاهي ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيرپور پوليس فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ حنا شاهه ۽ فياض شاهه جي گرفتاري لاءِ ٻين صوبن ۾ ڇاپا هڻڻ چاهي ٿي جنهن لاءِ اجازت طلب ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته پوليس ڪيس جي هر رخ کان جاچ ڪري رهي آهي، جاچ لاءِ 5 ٽيمون ڪيس تي ڪم ڪري رهيون آهن جن مان 2 ٽيمون ٽيڪنيڪل رخن کان جاچ ڪري رهيون آهن.

ايس ايس پي موجب اسد شاهه جي موبائيل ڊي ڪوڊ نه ٿي سگهي آهي، جنهن تي جلد اڳڀرائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.