ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ ۾ حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جي انجري کانپوءِ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زمان خان کي سريلنڪا طلب ڪيو ويو آهي.
زمان خان ڪولمبو ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي کي سريلنڪن ويزا جو انتظار هو جيڪا کيس ملي وئي آهي،هو گذريل رات ڪولمبو لاءِ روانو ٿيو.
ڪولمبو لاءِ اُڏام ڀرڻ کان شاهنواز ڏاهاڻي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ايندڙ اسٽاپ دبئي ۽ ان کانپوءِ ڪولمبو.
ان سان گڏ هن ايشيا ڪپ ڪپ 2023 جو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو.
شاهنواز ڏاهاڻي جي ٽوئيٽ ڪرڻ جي دير هئي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي کيس ٽرول ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
سعيد مڱريي نالي واهپيدار تي تبصرو ڪندي لکيو ته ڪيريئر تي ڌيان ڏي، مشڪريون ڪرڻ عام ماڻهن يا ٻين مُلڪن جي رانديگرن سان سيلفيون ڪڍڻ ڇڏي ڏي تي ڀلو اٿئي.
ڪريئر تي توجه ڏي , مشڪريون ڪرڻ گهڻو عام ماڻهن يا ٻين ملڪن جي کلاڙين سان سيلفيون ڪڍڻ ڇڏي ڏي ته ڀلو اٿئي
— Saeed Mangrio (@saeedmangrio3) September 13, 2023
شمس تُمراڻي شاهنواز کي جواب ڏيندي لکيو ته ته تنهنجي ته سائين لاٽري لڳي.
تنھنجي تہ سائین لاٽري لڳي
— Shams Tumrani (@Shams_Tumrani) September 13, 2023
هڪ صارف لکيو ته ها ڀائو، جلدي پهچ، اتي پاڻي پيئارڻ وارو ڪير ڪونهي.
Hn hn bhai jaldi phncho wahan pani pilane wala koi nhn h😂
— Haseeb Samejo🇵🇰 (@haseebsamejo39) September 13, 2023
وقاص بلوچ نالي هڪ واهپيدار ته چيو ته هن کي شاهنواز ڏاهاڻي مان ڪائي اميد نه آهي.
مجھے تو کوئی امید نہیں اس بولر سے 😏
— Waقas Baلoch 🇵🇰 (@WacasGB) September 13, 2023
بیٹا تم سیلفی وغیرہ بنایا کرو کرکٹ تمہارے بس کی بات نہیں ہے !!
— Global Info 🔥🔥 !!! (@zaidijeeksa) September 13, 2023