سڀ کان سست ۽ نڀاڳو ڪير آهي؟ مقابلو کٽيندڙ کي 3 لک انعام ملندو

يورپ جي ڏکڻ اوڀر واري ملڪ مونٽي نيگرو ۾ ”سست ترين شهري“ جو مقابلو جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مونٽي نيگرو ۾ ”سست ترين شهري“ چونڊڻ جو مقابلو حقيقت ۾ هڪ روايت آهي، روايت کي قائم رکڻ لاءِ مقابلو مونٽي نيگرو جي اتر واري ڳوٺ بريزنا ۾ گذريل مهيني آگسٽ جي وچ ۾ ٿيو هو جيڪا هاڻي پنهنجي 26هين ڏينهن تائين پهچي ويو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ان مقابلي ۾ 21 ڄڻن حصو ورتو هو جنهن ۾ هاڻي رڳو 7 ماڻهو مقابلي ۾ موجود آهن، کٽيندڙ شهري کي 1070 آمريڪا ڊالرز (3 لک 15 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) روڪ انعام ڏنو ويندو.
مقابلي جا دلچسپ اصول
اهو مقابلو جيترو دلچسپ آهي ان جا اصول اڃا به وڌيڪ عجيب آهن.
مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي 24 ئي ڪلاڪ نه بيهڻ ۽ نه ئي ويهڻ جي اجازت آهي پر رڳو ليٽي ڪري پنهنجي مقابلي کي پورو ڪرڻو آهي.
ٻڌايو ويو آهي ته شرڪت ڪندڙن کي مقابلي ۾ سمهڻ، کائڻ پيئڻ، ڪتاب پڙهڻ ۽ فون استعمال ڪرڻ جي به اجازت آهي، ان کانسواءِ شرڪت ڪندڙن کي هر 8 ڪلاڪن ۾ 10 منٽن لاءِ ليٽرين وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
اهو مقابلو ڇو ڪيو ويندو آهي؟
پرڏيهي ميڊيا موجب مقابلي جي انتظاميا ۾ شامل هڪ فرد ٻڌايو ته مقابو 12 سال اڳ ملڪ ۾ هڪ مشهو ڏند ڪٿائي تي ٺٺول ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو جنهن ۾ مونٽي نينگرينز کي سست قرار ڏنو ويو هو.
انتظاميا موجب روايتي طور تي اهو مقابلو ميپل جي وڻ جي هيٺان رٿيو ويندو آهي پر خراب موسم جي ڪري مقابلو هڪ ڪاٺي جي جهوپڙي ۾ رکيو ويو پر مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ جي صحت کي نگراني ۾ رکيو ويندو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب گذريل سال ٿيل مقابلو 117 ڪلاڪن تي ٻڌل هو پر هن سال اهو مقابلو 26 ڏينهن کان وڌي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.