پينشن لاءِ زال جو لاش 5 سال فريزر ۾ لڪائي رکندڙ شخص گرفتار

زال جي پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ سندس موت کان پوءِ 5 سالن تائين لاش گھر جي فريزر ۾ لڪائي رکندڙ مڙس کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب سوئيڊن جي هڪ عدالت ناروي جي شهري کي ان ڪيس ۾ ساڍا ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي جنهن ۾ پوليس کي سندس زال جو لاش فريزر مان مليو.
رپورٽس موجب 57ورهين جي شخص جي 60 ورهين جي زال جو موت 2018ع ۾ ڪينسر سبب ٿيو هو، عورت جي گھروارن ان سان رابطو ختم ٿيڻ بعد سندس گمشدگي جو اطلاع پوليس کي ڏنو جڏهن ته مڙس کي جڏهن عورت جا مائٽ ڳالهائڻ جو چوندا هئا ته هو اهو چوندو هو ته هو ستي پئي آهي يا گھر ۾ ناهي، ان کان پوءِ هن چيو ته هوءَ پنهنجي گھر وارن سان نٿي ڳالهائڻ چاهي.
پوليس کي اطلاع کان پوءِ مارچ ۾ عورت جو لاش مليو، ان کان پوءِ مڙس اعتراف ڪيو ته هن زال جي موت جي خبر ۽ لاش لڪائي رکيو هو.
شروعاتي طور تي مڙس دعويٰ ڪئي ته هن بهار جي موسم جو انتظار ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو هو ته جيئن هو پنهنجي فارم جي ويجهو لاش دفن ڪري سگھي.
هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان شخص پنهنجي زال جي لاش کي فريزر ۾ رکڻ لاءِ ان کي ڪاٽي به ڇڏيو هو، جتي هن کاڌو به محفوظ ڪري رکيو هو.
ان عرصي دوران هو زال جي نالي تي پينشن وٺندو رهيو، پوليس جي جاچ دوران هن انڪشاف ڪيو ته پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ هن زال جي لاش کي لڪائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.