نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اسڪول ويندڙ شاگردن جي ٻيڙي درياهه ۾ ٻڏي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو بهار رياست جي ضلعي مظفر پور ۾ خميس ڏينهن صبح جو پيش آيو جتي اسڪول جي شاگردن سميت ٻيا ماڻهو پنهنجي ڪمن تي وڃڻ لاءِ ٻيڙي ۾ سوار هئا.
ميڊيا رپورٽس موجب ٻيڙي ۾ ٻارن سوڌو 30 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا جيڪي باگمتي درياهه جي ڪناري ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي ويا هئا.
حادثي جي خبر پوندي ئي نيشنل ڊزاسٽر ريسپانس فورس طرفان ريسڪيو عمل شروع ڪيو ويو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهي آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب ٻيڙي ۾ سوال 20 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو جڏهن ته 10 گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي.
پوليس ٻڌايو ته مقامي ماڻهو درياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي جو استعمال ڪندا آهن ۽ ٻيڙي ۾ گھڻا مسافر سوار هجڻ سبب حادثو پيش آيو.
You might also like