ڪراچي (اسٽاف رپورٽر). سينئر صحافي ۽ ليکڪ سعيد خاور چيو آهي ته پاڪستان جي رياست هڪ ناڪام رياست آهي، جڏهن جنرل ضياءَ جي فوجي آمريت جي دور ۾ ماڻهن کي لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي ڪوڙا هنيا ويندا هئا، تڏهن ڪراچي پريس ڪلب ئي اها جاءِ هئي جتان هن آمريت جي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي بندشن کي للڪاريو ويو هو.
منير نيازي سميت ڪيترن ئي صحافين پنهنجي ٻولي ۽ قلم کي آزاد رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون، اڄ وري سول وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وٽ آزاد خيال رکڻ ۽ لکڻ وارن اديبن جا ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ نه وقت ۽ نه ئي پئسو آهي ان ڪري اسان پنهنجا ڪتاب پاڻ شايع ڪري رهيا آهيون.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي عبدالحميد ڇپرا هال ۾ ناليواري فنڪاره نائله لوڌي جي طرفان هن جي ڪتاب ”ڪراچي اوراق شبستان“ جو ٺاهيل ٽائيٽل هن جي حوالي ڪرڻ واري مختصر تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته اسان جي امير ماڻهن ۾ ڪتاب ڇپرائڻ جو رجحان نه آهي، ان ڪري اهي ڪتاب لکندڙن سان ڪتابن کي ڇپائڻ ۾ مدد ۽ سهڪار ڪرڻ نٿا ڪن، انهن وٽ 5 هزار 10 ڪروڙ کان وڌيڪ جا گهر آهن ۽ ڪروڙين رپين جون گاڏيون بيٺيون آهن، جڏهن ته کين اهڙو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته چون ٿا ته هنن لاءِ پيٽ گذر ڪرڻ مشڪل آهي، اسان اديب، صحافي ۽ ليکڪ اهڙي ئي سماج ۾ رهون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته ڪاغذ تي ڇپائي کان سواءِ ڪا به ڳالھ ۽ فڪر محفوظ ۽ زندهه رهي نه ٿو سگهي ۽ هن چولستان جي سانت مان لکڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچي اچي وڌيڪ لکڻ جي عمل ۾ حصو ورتو.
سعيد خاور چيو ته ڪراچي بدقسمت شهر آهي، هتان ماڻهن ڪروڙين رپيا ڪمايا آهن پر هن شهر کي ڪنهن به پيار سان ڳلي نه لڳايو آهي، ان ڪري هن 300 هفتن تائين اخبارن ۾ ڪراچي جي ماضي ۽ حال بابت لکي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي ۽ چار وڌيڪ ڪتاب تيار آهن، جن ۾ هڪ ٿر تي لکيل ڪتاب سنڌي ٻولي سميت چئن ٻولين ۾ لکيو آهي.
ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته ڪراچي پريس ڪلب پاران ادبي، تاريخي ۽ ٻين موضوعن تي اديبن ۽ شاعرن جي حوصلا افزائي لاءِ ادبي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جن جي همت افزائي لاءِ سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپيل ڪتابن جي مھورت تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن ان سان گڏ، فنڪارن ۽ آرٽسٽن جي فن جي فروغ لاءِ کين همٿايو وڃي ٿو.
پروگرام ۾ ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ گورننگ باڊي جي ميمبر ذوالفقار راڄپر ڪتاب جي ليکڪ سعيد خاور ۽ فنڪاره نائله لوڌي کي اجرڪ پهرايو .