اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نئون عدالتي سال شروع ٿيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته شايد هي منهنجو آخري خطاب هجي.
نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي چيو ته اهو فل ڪورٽ ريفرنس نه وٺڻ جو اشارو هو.
ان ڪري تقريب ختم ٿيڻ بعد چانهه پيئڻ دوران جڏهن نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسي کان سوال ڪيو ويو ته چيف جسٽس کي رٽائرمينٽ تي روايت موجب فل ڪورٽ ريفرنس ٿيندو ته جواب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان ته تيار آهيون پر اوهان ٻڌو ته جسٽس عمر عطا بنديال پاڻ چيو ته سندس هي آخري خطاب آهي.
جڏهن چيف جسٽس عمر عمطا بنديال کان سوال ٿيو ته اوهان فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شرڪت ڪندا ته هن جواب ۾ چيو ته اڃا سوچيو ناهي.
صحافي عبدالقيوم صديقي جو چوڻ آهي ته اسان کي ذريعن کان به معلوم ٿيو آهي ته چيف جسٽس عمر عطابنديال فل ڪورٽ ريفرنس نه وٺندو، وڌيڪ ايندڙ وقت ۾ خبر پوندي پر بظاهر محسوس ٿي رهيو آهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال فل ڪورٽ ريفرنس کان لنوائي رهيو آهي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 12 سپيٽمبر2023ع تي شايع ٿي