سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي خلاف عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ان سلسلي عمران خان جو وڪيل افضل مروت ۽ حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ٽيهه آگسٽ تي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت اٽڪ جيل منتقل ڪئي وئي هئي، اِهو نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت جاري ڪيو ۽ ان جو ئي اختيار هو، قانون واري وزارت اين او سي جاري ڪئي ته وينيو تبديلي تي ڪو اعتراض ناهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل جي موقف تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته جيل ٽرائل ڪائي اهڙي شيءِ ناهي جيڪا نه ٿيندي هجي، جيل ٽرائل جو طريقيڪار ڇا هوندو ان بابت ٻڌايو جنهن تي پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباس نقوي عدالت کي ٻڌايو ته سائفر ڪيس جو فلحال ٽرائل ناهي ٿي رهيو، قانون واري وزارت قانون پٽاندڙ عدالت منتقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت چيو ته قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن بدنيتي جي بنياد تي جاري ڪيو ويو هو، درخواست غير اثرائتي ناهي ٿي، عدالت کي طئي ڪرڻو آهي ته نوٽيفڪيشن درست هو يا نه، ڪنهن وٽ جواب آهي ته سزا معطل ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين ڇو قيد آهي؟ .

شير افضل مروت چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج اين او سي تي اٽڪ جيل ڇو ويو؟ معزز جج پنهنجو دماغ استعمال ئي نه ڪيو ۽ هليو ويو، سڀاڻي لانڌي جيل جي اين او سي اچي ته ڇا جج صاحب لانڌي هليو ويندو؟ .

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ڪرڻ جي قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن خلاف ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل استدعا ڪئي ته اسان جي هڪ درخواست آهي ته فيصلو محفوظ آهي، استدعا آهي ته محفوظ فيصلو ٻڌايو وڃي، فيصلي ۾ دير سبب اسان ڏکيائين جو شڪار ٿي رهيا آهيون، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مان اُن تي به آرڊر پاس ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.