ڏنڊي جو ڪمال! ڊالر گذريل 20 ڏينهن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) حڪومتي هدايتن تي انتظاميا ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان ڊالر جي اسمگلنگ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڪارروائين کانپوءِ رُپئي جي مُلهه ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي.

اوپن مارڪيٽ کانپوءِ رپيو انٽربينڪ ۾ به مستحڪم ٿيڻ لڳو جڏهن ته انٽربينڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 41 پيسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 299 رپيا 75 پيسا ٿي ويو.

هن وقت انٽر بئنڪ ۾ ڊالر گذريل ويهه ڏينهن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي مُلهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن ڊالر چار رُپيا سستو ٿيڻ بعد ٽي سئو رُپين جو ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.