ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ سرڪاري اهلڪار ملوث، رپورٽ وزيرِ اعظم آفيس ۾ جمع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪرنسي ۽ تيل کانپوءِ هاڻي کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي رپورٽ به وزيرِ اعظم سيڪرٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

ذريعن موجب، کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي پاڪستان مان اسمگلنگ بابت تفصيل رپورٽ جو حصو آهن جڏهن ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ جي اسمگلرز ۽ سرڪاري اهلڪارن جا تفصيل به رپورٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب، رپورٽ ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث 592 ذخيرو اندوزن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ 26 اسمگلرز شامل آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال آءِ بي 417 رپورٽس لاڳاپيل کاتن ڏانهن اُماڻيون، حساس اداري جي نشاندهي تي 90147 ميٽرڪ ٽن ذخيرو ٿيل ۽ اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ قبضي ۾ ورتي وئي.

رپورٽ موجب، اسمگلرز جي مدد ڪندڙ 259 اهلڪارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، صوبائي حڪومتن ۾ مقرر اهلڪار اسمگلرز، ذخيرا اندوزن جا مددگار آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ 272، سنڌ ۾ 244 ۽ ڪي پي ۾ 56 سرڪاري اهلڪار اسمگلرز جا مددگار آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ 15 ۽ اسلام آباد 5 اهلڪار اسمگلرز جا ساٿي آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ حساس ادارن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ايراني تيل جي ڪاروبار ۾ 29 سياستدان به ملوث آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.