پي آءِ اي بابت بُري خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان انٽرنيشل ايئر لائينز ( پي آءِ اي ) فنڊن جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻ لڳو،  جنهن سبب فلائيٽ آپريشن متاثر رهيو آهي.

ذريعن موجب، پي آءِ اي کي پاڪستان اسٽيٽ آئل ( پي ايس او ) وٽان جهازن لاءِ ٻارڻ ملڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته فنڊن جي کوٽ سبب ڪراچي کان فيصل آباد، اسلام آباد ۽ لاهور جون اُڏامون ڪينسل ڪيون ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊن جي کوٽ سبب پي آءِ اي جي تمام ملازمن کي پگهارون به نه ملي سگهيون آهن، جنهن لاءِ پي آءِ اي حڪومت کان فنڊن جي فوري فراهمي جي درخواست ڪئي آهي.

پي آءِ اي ترجمان موجب، انتظاميا ناڻي واري وزارت سان به رابطي ۾ آهي ۽ فنڊز ملندي ئي ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.