اڳوڻي وزيرِ اعظم جو پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد نگران وفاقي وزير مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيرِاعظم نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري رهندڙ اڳوڻو بيورو ڪريٽ فواد حسن فواد کي وفاقي ڪابينا ۾ شمال ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي وزيراعطم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي نگران ڪابينا ۾ وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

صدر مملڪت، عارف علوي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي ايڊوائس تي فواد حسن فواد جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد حسن فواد کي جلد ئي وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو.

ان ڏس ۾ فواد حسن فواد جو چوڻ هو ته مونکي فلحال ڪنهن کاتي جي چارج ناهي ڏني وئي، سڀاڻي وزيراعظم سان ملاقات ڪندس، جيڪا ذميواري ملندي، ايمانداري ۽ محنت سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

ياد رهي ته نيب فواد حسن فواد کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو جنهن ۾ نيب سندس خلاف ڪرپشن جا الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن کانپوءِ عدالت کيس نيب ريفرنس ۾ بري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.