توشا خانا ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت توشا خانا ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ سندس وڪيل لطيف کوسا ۽ انتظار پنجوٿا عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران لطيف کوسا عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي جي اڄ ٻه وڳي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اٽِڪ جيل ۾ ملاقات آهي، وٽس پنهنجي مڙس سان ملڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ ئي ڏينهن هوندو آهي، نيب به بشريٰ بي بي کي اڄ طلبي جو نوٽيس اُماڻيو آهي، هو پهريان به نيب آفيس پيش ٿي چڪي آهي.

وڪيل انتظار پنجوٿا چيو ته نيب کي هدايتون جاري ڪري ته تاريخ ۾ سهڪار ڪيو وڃي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب طرفان طلبي جو پهريان ٻڌائڻ ضروري ناهي هوندو، بشريٰ  بي بي جي توشا خانا ڪيس ۾ فلحال گرفتار گهربل ناهي.

لطيف کوسا موقف اختيار ڪيو ته احتساب عدالت ڊائريڪشن جاري ڪري ته جيڪڏهن نيب کي گرفتاري گهربل هجي ته پهريان عدالت کان اجازت ورتي وڃي.

ٻڌڻي دوران لطيف کوسا بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته بشري بي بي جي جيڪڏهن گرفتاري گهربل آهي ته پهريان آگاهه ڪيو وڃي.

عدالت بشريٰ بي بي جي توشا خانا ڪيس ۾ 26 سپٽيمبر تائين ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ هڪ لک رُپين جي مچلڪن عيوض 26 سپٽيمبر تائين ضمانت منظور ڪري ورتي جنهن کانپوءِ بشريٰ بي بي جڊيشل ڪمپليڪس مان روانو ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.