مُلڪ ۾ بجلي ورڇ ڪمپينن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) حڪومت سموري مُلڪ ۾ پاور ڊسٽربيوشن ڪمپينن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب، پاور ڪمپنين ۾ ٽيڪنيڪل ۽ اين ٽي ڊي سي جا نوان بورڊ قائم ڪيا ويندا.

ماضي ۾ پاور ڊسٽربيوشن ڪمپينن جي بورڊ ۾ سياسي ۽ من پسند ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته گهڻي قدر بورڊ ميمبر نان ٽيڪنيڪل ۽ سياسي گهراڻن سان واسطو رکن ٿا.

ياد رهي ته مُلڪ ۾ بجلي بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ بجلي چوري خلاف وڏي پئماني تي آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.