عمران خان کي جيل ۾ ديسي ڪڪڙ ڏيڻ لاءِ اڪائونٽ ۾ هزارين رُپيا جمع

اٽڪ ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ کائڻ لاءِ ديسي ڪڪڙ ڏيڻ لاءِ سندس اڪائونٽ ۾ 79 هزار رُپيا جمع ڪرايا ويا آهن.

ذريعن موجب، جيل ۾ قيدي طور عمران خان جي اڪائونٽ ۾ پهريان پنجاهه هزار رُپيا ۽ ٻئي ڀيري 29 هزار رُپيا جمع ڪرايا ويا، اِها رقم پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن طرفان جمع ڪرائي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل اختيارين ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان سان کاڌي جو مينيو طئي ڪيو هو.

ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو کيس صبح جو نيرن ۾ ٻه آنا، ماني ۽ ان سان گڏ ڌونئرو لازمي ڏنو وڃي، جڏهن ته مانجهاندي ۽ رات جو ماني سان گڏ مختلف داليون ۽ سبزيون ڏنيون وڃن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان چئي ڇڏيو آهي ته کاڌي ۾ ديسي ڪڪڙ جنهن ڏئي هو چئي کيس ڏنو وڃي.

ذريعن موجب، قيدين لاءِ جيل مينيو ۾ هفتي ۾ چار ڏينهن ڪڪڙ هوندو آهي پر پي ٽي آءِ چيئرمين برائلر ڪڪڙ ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، عمران خان کي گذريل 15 ڏينهن دوران کاڌي ۾ ٻه ڀيرا ديسي ڪڪڙ ڏنو ويو آهي جنهن تي اٺ هزار کان وڌيڪ خرچ ٿيا جيڪي سندس اڪائونٽ مان ڪٽيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.