سوشل ميڊيا پوسٽ تي جهيڙو، گھرن کي باهه، هڪ ڄڻو مارجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ سوشل ميڊيا تي تڪراري پوسٽ ڪرڻ تي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 8 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اوقعو مهاراشٽرا رياست جي ڳوٺ پسوالي ۾ پيش آيو جتي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ايترو وڌي ويو جو هڪ شخص حياتي وڃائي ويٺو.
ميڊيا رپورٽس موجب پوليس جو چوڻ هو ته آچر جي ڏيهن سوشل ميڊيا تي هڪ تڪراري پوسٽ ڪئي وئي، جنهن شخص اها پوسٽ ڪئي اهو ذهني مريض آهي، هن پنهنجي پوسٽ ۾ ٻي ذات جي ماڻهن کي نشانو بڻايو هو.
پوليس موجب تڪراري پوسٽ تي ڪجهه نوجوانن کان پڇا ڳاڇا جاري هئي ته پوليس چوڪي جي ٻاهران متاثر ذات جي ماڻهن جهيڙو ڪيو.
پوليس موجب هنگامون ايتري تائين وڌي ويو جو ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪيو ۽ باهه ڏيڻ شروع ڪئي، ان دوران مڇريل ماڻهن روڊ تي باهه لڳائڻ سان گڏ ڪجهه گھرن کي به ساڙي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته جهيڙي کي منهن ڏيڻ لاءِ انٽرنيٽ سروس کي به معطل ڪرڻو پئجي ويو جڏهن ته وڳوڙ ۾ ملوث 23 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.