ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو هوندو، هو ڀرپور طريقي سان ٽريننگ ڪري رهيو آهي، ميگا ايونٽ کان اڳ رڌم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ گيري اسٽيڊ ڪيوي ٽيم جي مداحن کي خوشخبري ٻڌائيندي واضح ڪيو ته ڪين وليمسن ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو.
هن چيو ته ڪين مڪمل فٽ ٿيڻ لاءِ ري هيب ڪري رهيو آهي، هو انجري مان گهڻي حد تائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪو آهي، پر فلحال نٿو چئي سگهجي ته هو عالمي ڪپ کان پهريان ميچون کيڏندو يا نه.
ڪيوي ڪوچ جو چوڻ هو ته اسان کي خوشي آهي ته هو عالمي ڪپ کيڏڻ جي پوزيشن ۾ اچي وي ويو آهي، پر اسان جو ڌيان ڪنهن هڪ ميچ تي ناهي.
رپورٽن موجب، يارنهن سپٽيمبر تي آڪلينڊ ۾ نيوزيلينڊ جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو.
ياد رهي ته هلندڙ سال ڀارتي پريميئر ليگ ۾ گجرات ٽائٽنز جي نمائندگي ڪندي ڪين وليمسن انجري جو شڪار ٿيو، خدشو هو ته گوڏي جي انجري کيس عالمي ڪپ کيڏڻ نه ڏيندي پر هن ڀرپور ٽريننگ ۽ ري هيب ذريعي جزوي فٽنس حاصل ڪري ورتي آهي.