ايپل آءِ فون 14 مفت ۾ ڪيئن ۽ ڇو ملي رهيو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايپل پنهنجي مشهور اسمارٽ فون برانڊ آءِ فون 14 پرو کي مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ويب سائيٽ اڪانامي ڊاٽ پي ڪيموجب ايپل ان ڳالهه جو فيصلو پنهنجي موبائيل فونز جي سيڪيورٽي کي وڌائڻ

لاءِ ڪيو آهي.

ايپل تجربيڪار سيڪيورٽي ريسرچرز کي آءِ فون 14 پرو مفت ڏيڻ سان گڏوگڏ پنج هزار ڊالر کان 10 هزار ڊالر تائين جو انعام ڏيڻ جو به ارادو رکي ٿو.

انهن سڀني انعامن کي کٽڻ جو طريقيڪار اهو آهي ته ايپل طرفان جنهن سيڪيورٽي ماهر کي آءِ فون مفت ڏنو ويندو اهو ان کي هيڪ ڪري ڏيکاريندو.

اصل ۾ ايپل طرفان اهو فيصلو پنهنجي آءِ فونز جي سيڪيورٽي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن واهپيدارن جا موبائيل فونز مڪمل طور تي محفوظ رهن ۽ جيڪڏهن ڪو سيڪيورٽي جو مسئلو آهي ته اهو ان مقابلي دوران سامهون اچي ويندو.

ايپل کان مفت آءِ فون 14 پرو ۽ لکين ڊالر کٽڻ جو ڪم سولو نه آهي ڇو ته آءِ فون جي سيڪيورٽي۾ نقص ڳولڻ لاءِ پهريان درخواستون جمع ڪرايون وينديون ۽ پوءِ ايپل طرفان ڪواليفائيڊ ماهرن کي ان ڪم لاءِ چونڊيون ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.