شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس، گرفتار سهولتڪار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن سهولتڪارن کي ٻيهر 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٽن سهولتڪارن جوابدار بخش علي عرف بخشو مهر. بابر مهر ۽ منور مهر کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت پاران جاچ آفيسر جي درخواست تي جوابدارن کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.