ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ايئرپورٽس تي اي گيٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سول ايوي ايشن اٿارٽي اي گيٽ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب پاڪستاني ايئرپورٽس تي اي گيٽس لڳايا پيا وڃن، پهرئين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن وڏن ايئرپورٽن تي اي گيٽ لڳايا ويندا، جن ۾ اسلام آباد، علامه اقبال ۽ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ شامل آهن، اهو منصوبو ايوي ايشن سيڪريٽري ۽ ڊي جي سي اي اي جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اي گيٽ منصوبي بابت نادرا، ايف آءِ اي پاسپورٽ ۽ ايف آءِ اي ايميگريشن کان تجويزون به حاصل ڪيون ويون آهن، بورڊ جي منظوري کانپوءِ اي گيٽ لاءِ ٽينڊر طلب ڪيا ويندا.
اي گيٽ ذريعي مسافرن کي ايميگريشن ۾ به سهولت هوندي، مسافرن کي نه پاسپورٽ ڏيکارڻو پوندو، نه ئي ٽڪيٽ ڏيکارڻ جي ضرورت هوندي، مسافر ايئرپورٽ تي داخل ٿيندي ئي اي گيٽ ذريعي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ اسڪين ڪري بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري جهاز ۾ سوار ٿي سگهندا.
You might also like